اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پ?? پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي باجوڙ ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي شاندار خر??ج تحسين پيش ڪندي آپريشن دوران 9 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي اداري جي پ??شيوراڻي صلاحيتن جي تعريف ڪئي. گهرو وزير چيو ته 9 دهشتگردن کي انجام تائين پهچائيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن کي سلام پيش ??ري??ن ٿو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز بهادري سان دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ن??ڪا?? بڻايو جنهن تي پ??ري قوم کي انهن تي فخر آهي. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.