راولپنڊي-24 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير گهڻ قومي مشق ??نڊ?? شيلڊ 2024ع جو مشاهدو ڪيو ۽ ايئر فورس جي جنگي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب گهڻ قومي مشق ??نڊ?? شيلڊ 2024ع جي مشاهدي لاءِ اچڻ تي چيف آف ايئر اسٽاف، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر آر??ي چيف جنرل عاصم منير جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف پڻ موجود هو. آر??ي چيف مشقن جي آپريشنز، ٽيڪنالاجيز جي ڊسپلي جو مشاهدو ڪيو، کيس سيڪيورٽي چئلينجن سان هم آه??گ رهڻ لاءِ پاڪ فضائيه جي ڪوششن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. ان موقعي تي آر??ي چيف جنرل عاصم منير ايئر ڪريو سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير هوائي سرحدن جي حفاظت لاءِ پي اي ايف اهلڪارن جي عزم کي ساراهيو ۽ اپ گريڊيشن جي مختلف پروگرامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي انٽر سروس سهڪار جي اهم ڪ??دا?? تي زور ڀريو. ان موقعي تي پاڪ فضائيه جي سربراهه آر??ي چيف جي دوري جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته آر??ي چيف جو دورو تربيت ۽ آپريشنل شعبي ۾ فوج ۽ فضائيه وچ ۾ سهڪار وڌائڻ واري عزم کي سگهه ڏي ٿو. ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر جو چوڻ هو ته مشق ??نڊ?? شيلڊ 20224ع شريڪ ملڪن وچ ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ ۾ اهم ڪ??دا?? ادا ڪندي. مشق پنهنجي فضائي ۽ زميني عملي کي جنگي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي تربيت ڏيندي. مشق ??نڊ?? شيلڊ 2024ع خطي جي سڀ کان وڏي گهڻ قومي مشق آه?? جنهن ۾ 24 فضائي فوجون شريڪ آه??.