اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪ??يونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي معياري مواد جو هئڻ تمام اهم آهي، چاهيون ٿا ته ٽڪ ٽاڪ پليٽ فارم تعليمي مقصدن لاءِ به ا??تعمال ٿئي. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪ??يونيڪيشن واري وزارت مان جاري بيان موجب مملڪتي وزير ٽڪ ٽاڪ جي وفد سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ٽڪ ٽاڪ وفد جي قيادت ڊائريڪٽر پبلڪ پاليسي ايمرگيلن ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سوشل ميڊيا تي معياري مواد جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي آءِ ٽي جو سيڪريٽري ضرار هاشم خان به موجود هو. وفد م??لڪتي وزير ??ي ٽڪ ٽاڪ جي پاڪستان ۾ قدمن ۽ مستقبل جي پروگرامن جي باري ۾ بريف ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ جا تمام گهڻا صارفين آهن، اهو تمام ضروري آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي معياري مواد م??سر هجي، چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ پليٽ فارم تعليمي مقصدن لاءِ به ا??تعمال ٿئي، ان ذريعي مختلف قسمن جا اسڪلز ۽ لوڪل ٻولين ۾ بنيادي تعليم ڏئي سگهجي ٿي، انهن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ آءِ ٽي وزارت ٽاڪ ٽاڪ کي مڪمل سپورٽ فراهم ڪندي. ٽڪ ٽاڪ جي وفد م??لڪتي وزير کي خاطري ڪرائي ته ٽڪ ٽاڪ تي وڌ کان وڌ معياري ۽ فائديمند م??اد کي يقيني بڻايو ويندو. وفد چيو ته ٽڪ ٽاڪ وزارت آءِ ٽي جي ذيلي ادارن سان گڏجي ڪ?? ڪرڻ چاهي ٿي.