اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) ورڪرز وي??فيئر فنڊ سان رجسٽرڊ اسلام آباد جي صنعتي ادارن کان حج 2025ع لاءِ حج پانڌيئڙن کان درخواستن جي وصو??ي جو عمل شروع ٿي وي?? آهي، درخواستن جي وصو??ي جو عمل 3 ڊسمبر تائين جاري رهندو. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي عملدارن م??جب ورڪرز وي??فيئر فنڊ، سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وزارت (او پي اينڊ ايڇ ار اي) حڪومت پاڪستان جو هڪ ذيلي ادارو آهي جيڪو اسلام آباد مان 10 رجسٽرڊ صنعتي ڪارڪن کي هر سال ڪڻن ذريعي حج تي موڪلي ٿو. مذهبي معامن واري وزارت حج 2025ع لاءِ درخواستن جي وصو??ي جو عمل شروع ڪري رکيو آهي، ان سلسلي ۾ ورڪرز وي??فيئر فنڊ جي رجسٽرڊ صنعتي ورڪرن کان درخواستون طلب ڪيون آهن. اهي صنعتي ڪارڪن جيڪي مذهبي معاملن واري وزارت طرفان جاري ڪيل ڊيٽا ۽ معيار تي پورو لهن اهي درخواستون م??ڪلي سگهجن ٿا. ان حوالي سان وزارت طرفان سوشل ميڊيا تي ترتيب ڏنل اهليتي طريقيڪار جاري ڪيو وي?? آهي، جنهن م??جب صنعتي ورڪر جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 50 کان 60 سالن جي وچ ۾ هجي، صنعتي ورڪرز فيڪٽري ڪارڊ جي ڪاپي درخواست سان گڏ موڪلين جڏهن ته اي او بي آءِ ۽ ايمپلائيز سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن مان رجسٽريشن ضروري آهي، صنعتي ورڪر انڊسٽريل رليشن ايڪٽ (2021-IRA) موجب ڪارڪن جي تعريف ۾ ايندو هجي، صنعتي ڪارڪن کي حلف نامو جمع ڪرائڻو پوندو ته ان کان اڳ ڪنهن به سرڪاري کاتي جي اسڪيم تحت حج جي ادائيگي نه ڪئي، صنعتي ڪارڪن ڪنهن فعال اداري ۾ ڪم ڪندو هجي ۽ ادارو لاڳاپيل قانونن تحت منظور ٿيل هجي ۽ ادارو پنهنجي آسان اعلان ڪيل آمدني جو 2 کان 5 سيڪڙو وڪررز وي??فيئر فنڊ ٽيڪس 1971ع آرڊيننس تحت يا باقي رهيل رقم جي 5 سيڪڙو ورڪرز منافع بخش حصيدار ميمبر ايڪٽ 1968ع تحت مالي سال 2023ع جي ٽيڪس جي ادا ٿيل چالان ڪاپي گڏ ڪن. اداري جي رجسٽريشن صنعنتي مائننگ اداري اسلام آباد ۾ رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ کي درخواست سان گڏ شامل ڪن. ڪڻن ۾ عورت اميدار جي ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ ان جي محرم جا سمورا لاڳاپيل خرچ پاڻ برداشت ڪندي.