ڪراچي – 08 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊا?? چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، ٻاهرئين ا??ار?? تي ??ار??مدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مقامي ڪيپيٽل مارڪيٽ کي مضبوط ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته 9 سال اڳ لڳايل سمورين اسٽاڪ مارڪيٽن کي ضم ڪرڻ جو ٻوٽو هاڻي وڌي ??ڻ بڻجي ويو آهي، 2017ع ۾ سياسي عدم استحڪام جي ڪري معيشت جو ڦيٿو رُڪجي ويو هو. هن چيو ته 2018ع ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ 100 ارب ڊالر هئي، نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊا?? چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌي رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن محمد نواز شريف جي حڪومت ختم ٿي ته قرضن جي شرح جي ڊي پي جو 63 سيڪڙو هئي، 2018ع کانپوءِ پاڪستان جي قرضن جي شرح ۾ مسلسل اضافو ٿيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊا?? چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ خوشي جو سبب آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان عالمي برادري ۾ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪندو جيئن ته 27 سالن کانپوءِ پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جهڙو وڏو ايونٽ منعقد ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي.