اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر بحيره عرب ۾ منشيات جي خاتمي جي ڪامياب آپريشن تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي سامونڊي دف??ع ۽ سامونڊي رستن تي منشيات جي اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ پاڪ بحريه جو مرڪزي ڪردار آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعطم چيو ته پي اين ايس معاون هڪ ملين ڊالر ماليات ڊالر جي منشيات جي کيپ ضبط ڪئي. منشيات جي خاتمي جي مهم ۾ اهو هڪ انتهائي اهم سنگ ميل آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي سامونڊي دف??ع ۽ سامونڊي رستن تي منشيات جي اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ پاڪ بحريه جو مرڪزي ڪردار آهي. قوم کي پاڪ بحريه جي جوانن تي فخر آهي.