اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) انڊونيشيا جي صدر جوڪو ??يد??دو جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو وي?? ۽ وزيراعظم شاهد خاقان ??با??ي وزيراعظم هائوس اچڻ تي آجيان ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. انڊونيشيا جي صدر کي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو. هن گارڊ آف آرنر جو معائنو ڪيو. بعد ۾ پاڪستان ايئر فورس ??ي ٽن جي ايف 17 ٿنڊر جهازن ونگ ڪمانڊر ڪاشف ڪمال جي قيادت ۾ 500 فٽ تائين هيٺئين اڏام ڪندي معزز مهمان کي سلامي پيش ڪئي ۽ فلائي پاسٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو.