ڪراچي – 17 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پ??پل??پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽريٽ جي انچارج نسيم صابر سان سندس سئوٽ ذيشان چوڌري جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ مرحوم جي لاءِ جنت ??لفردوس ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي آهي.