اسلام آباد – 18 في??روري (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته 17 في??روري کان سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جاري آهي ۽ حڪومت ان مرض جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، تازي مهم ۾ 39 ملين کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو هدف آهي جنهن جي لاءِ 2 لک 65 هزار پوليو ورڪرز حصو وٺ?? رهيا آهن، خاص مددگار چيو ته پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ فرنٽ لائن ورڪز اسان جا اصلي هيرو آهن انهن جي خدمتن کي خراج تحسين ??يش ڪريان ٿو، حڪومت پوليو جي خاتمي لاءِ جنگي بني??دن تي موثر قدم کڻ?? رهي آهي.