اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي جي معاملن بابت خاص صلاحڪار معيد يوسف چ??و آهي ته منهنجي خلاف غلط افواهون ڦهلايون پيون وڃن، مون وٽ پاڪستان ک??نس??اءِ ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت نا??ي، مان پاڪستان حڪومت کي پنهنجي شهريت بابت پهريان ئي قسم نامو جمع ڪرائي چڪو آه??ان. پنهنجي اثاثن ۽ شهريت بابت وضاحتي بيان ۾ خاص صلاحڪار چيو ته پنهنجي موجوده ذميواري ??نڀالڻ کانپوءِ آمريڪا ناهيان ويو، مون کي آمريڪا مان ڪا به آمدني نه ٿي اچي، منهنجي پرڏيهه ۾ ڪا به اربن يا لکن جي جائيداد ناهي. هن چيو ته منهنجي يا منهنجي خاندان وٽ پاڪستان ک??نس??اءِ ڪنهن ملڪ ۾ ڪا به جائيداد نا??ي، غلط فهمي نه ڦهلائي وڃي.