سيالڪوٽ – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چ??و آهي ته وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي مديني جي رياست جي طرز تي آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي، حقوق الله ۽ حقوق العباد کي متوازن بڻائڻ جو نالو اسلام آهي، نبي ڪريم صه انسانيت سان محبت ۽ رواداري جو درس ڏنو، نوجوان نسل نبي ڪريم صه جي سيرت تي عمل ڪن، انساني حقن جو سڀ کان بهترين چ??رٽر دين اسلام پيش ڪيو، پاڪستان بين المذاهب هم آهنگي جو روشن مثال بڻجڻ وڃي رهيو آ??ي. ??هڙن خيال جو اظهار هن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.