سيالڪوٽ – 22 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??يو آهي ته اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي درخواستن سان گڏ تح??يڪ انصاف جي درخواستن کي به گڏائي ٻڌي، لنڊن جون تصويرون ٻڌائي رهيون آهن ته ميان صاحب کي ڪهڙي تڪليف آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته نواز شريف پنهنجي علاج کانپوءِ پاڪستان ۾ اچي، رهبر ڪميٽي رهزن ڪميٽي بڻجي چڪي آهي، ان??ن کي خبر آهي ته عمران خان ملڪي معيشت کي کڻي ترقي جي راهه تي گامزن آهي. جي سي يونيورسٽي سيالڪوٽ ۾ منعقد پروگرام بزم اقبال آگاهي پروگرام جي تقريب کي خطاب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائين??ي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??يو ته پاڪستان تح??يڪ انصاف واحد اهڙي پارٽي آهي جنهن جي اندر به جمهوريت آهي.